شانتي نڪيتن

شانتي نڪيتن

شانتي نڪيتن

شانتي نڪيتن (Shanti Niketan): هڪ وڏو تعليمي ادارو، جيڪو ننڍي کنڊ ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. هي ادارو اصل ۾ 1863ع ڌاري رابندرناٿ ٽئگور جي والد ديويندرناٿ ٽئگور قائم ڪيو هو، جيڪو هندستان جي شهر بودلپور ۾ آهي. شروع ۾ ‘شانتي نڪيتن’ کي ‘برهمچاريه آشرم’ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جيڪو اڳتي هلي ‘برهمچاريه ودياله’ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هن آشرم قائم ڪرڻ جو مقصد هو ته سڀني طبقن جا ماڻهو گڏ ٿي هتي اچي ڌيان ۽ گيان حاصل ڪن. 1901ع ۾ رابندرناٿ ٽئگور هتي گڏيل تعليم (co-education) لاءِ آشرم جي احاطي ۾ هڪ اسڪول کوليو ۽ ان سان گڏ آشرم ۾ ‘هندو ميلو’ لڳرائڻ شروع ڪيو، جيڪو اڳتي هلي قومي هلچل جو مرڪز بڻيو. ويهين صديءَ جي شروع وارن ڏهاڪن ۾ سورال (Sural) نالي هڪ زميندار پنهنجي زمين کپائي، ته آشرم طرفان اها زمين به ٽئگور خريد ڪئي. اها زمين آشرم کان ٿوري ئي فاصلي تي هئي ۽ اتي ڪاليج ٺهرايائين. پر ڪاليج جي باقاعده شروعات 23 ڊسمبر 1921ع کان ٿي.
کيس 1913ع ۾ نوبل انعام مليو. هي انعام کيس ڪتاب ‘گيتانجلي’ لکڻ تي مليو هو. اهو ڪاليج برهمو سماج جي سرگرمين جو مرڪز ٿيو. 1951ع ۾ انهيءَ آشرم کي مڪمل يونيورسٽيءَ جو درجو ڏئي وشوا ڀارتي يونيورسٽيءَ جو نالو ڏنو ويو ۽ رابندرناٿ ٽئگور جي پٽ راٿندرناٿ ٽئگور کي ان جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. سنڌ جو مهان ڏاهو ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به هتي پڙهيو هو ۽ هن جون ڪيتريون ملاقاتون اتي ٽئگور سان ٿيون هيون، جڏهن ته ڀارت جِي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ به ان اداري مان تعليم حاصل ڪئي.
هتي ٻين علمن کان سواءِ ادب، سنگيت، مصوري ۽ سنگتراشيءَ جي علمن جي اعليٰ تعليم ڏني وڃي ٿي.


لفظ شانتي نڪيتنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو